عبداللطيف قيصر

عبداللطيف ‘قيصر’: مغل دور جي سنڌي ۽ فارسيءَ جي شاعر عبداللطيف قيصر جو شمار پنهنجي دور جي اهم ترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس تعلق بدين شهر سان هو، جتي پاڻ درس ۽ تدريس جي ڪم سان وابسته هو. کيس سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولين تي چڱي دسترس هئي. سندس عزيزن ۽ دوستن جي حلقي ۾ ڪيترائي اعليٰ پايي جا شاعر هئا. انهيءَ دور ۾ فارسي شاعريءَ جو چرچو هو. اهڙي ماحول کان متاثر ٿي هن سنڌيءَ سان گڏ فارسي شاعري ڪئي. اورنگزيب عالمگير 1658ع ۾ تخت تي ويٺو. تڏهن کان ‘قيصر’ هر ڇهين مهيني پن جو مصلو ٺاهي، دهليءَ ۾ اورنگزيب جي خدمت ۾ پيش ڪندو هو. جنهن سبب کيس چڱو معاوضو ملندو هو. 1668ع ۾ اورنگزيب عالمگير جو ڏهه ساله جشن ملهايو ويو. ان موقعي تي هن پن جي مصلي پيش ڪرڻ وقت اورنگزيب جي شان ۾ هڪ شعر پڻ چيو، جنهن ۾ سندس ساراهه سان گڏ، ‘قيصر’ پنهنجي عالمانه دور انديشيءَ ۽ سياسي بصيرت جي بنياد تي پيشنگوئي پڻ ڪئي هئي. اهو فارسيءَ شعر هيئن هو ته:
سلطنت ختم است برتو، چون نبوت بر نبي
بادشاهي برتو زيبا، چون خدائي برخدا.
سندس شعر ۾ اورنگزيب تي مغل بادشاهي ختم ٿيڻ جو واضح اشارو ڏنل هو. اڳتي هلي ڏٺو ويو ته اورنگزيب کانپوءِ سنڌ تان مغلن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ڪلهوڙن جو راڄ قائم ٿيو. قيصر جي شعر ٻڌائڻ وقت سمورا درٻاري ڏڪي ويا ۽ اورنگزيب پاڻ به ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو. سڀني سمجهيو ته اڄ ‘قيصر’ تي ضرور عذاب نازل ٿيندو. اورنگزيب سخت شريعت پسند ۽ شعر و شاعريءَ کان پري رهندو هو. پر هن قيصر کي اڳتي لاءِ دهلي اچڻ جي تڪليف ڪرڻ کان روڪيندي ٺٽي مان روزاني ٻه روپيا معاوضو وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ‘قيصر’ بدين موٽي اچي سڄي حياتي ٺٽي سرڪار وٽان وظيفو حاصل ڪندو رهيو. اورنگزيب جي شان ۾ چيل سندن اهو شعر ‘دهه ساله عالمگير’ ۾ ملي ٿو. ‘دهه ساله عالمگير’ جو مولف بختاور خان به ‘قيصر’ جو دوست هو. جنهن انهي شعر کان سواءِ ‘قيصر’ جو بيان پڻ انهي ڪتاب ۾ شامل ڪيو. بختاور خان ‘دهه ساله عالمگير’ ۾ ڄاڻايو آهي ته ‘قيصر’ صاحب ديوان هو. ‘قيصر’ بختاور خان جي شان ۾ به شعر چيا هئا، جيڪي به ‘دهه ساله عالمگير’ ۾ شامل آهن. ‘قيصر’ جو سنڌيءَ ۾ فقط هڪ بيت ملي ٿو، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي گنج ۾ پڻ شامل آهي، جيڪو هن پنهنجي دوست ملان عبدالحڪيم ‘عطائي’ جي قلات ۽ ڪابل جي سفر تي وڃڻ وقت چيو هو. اهو شعر هن ريت آهي:
اتران ٿي آيو، تنهن ڪڪر لاٿم ڪس،
وٺو مينهن وڏڦڙو، ڪيو جوڌاڻي جس،
‘قيصر’ چئي قلات ۾، رات تنهن کي رس،
نيڻ ٽمندا پس، وس ته ورن سپرين.
نامور محقق محمد سومار شيخ لکيو آهي ته، ‘قيصر’ شاهه لطيف جي جنم کان 16 يا 17 سال اڳ وفات ڪئي. شاهه جي گنج مان ‘قيصر’ جو شعر ملڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته شاهه سائين سندس شاعريءَ مان متاثر هو.


لفظ عبداللطيف قيصرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو